اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ سمورن صوبن جي مشاورت سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ان حوالي سان پ??رليامينٽ ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين ۽ قومي معاملن تي انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورا فيصلا مشاورت سان ڪيا وڃن ٿا، ڪورونا و??ا جي ڪري والاريل ڪشمير جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي وئي آهي، عالمي برادري ۽ او آءِ سي کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ا??ا ڪرڻ گهرجي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا و??ا جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هي هڪ غيرمتوقع صورتحال آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪورونا و??ا جو بحران سڀ کان وڏو آهي.