اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته آزادي هڪ وڏي نعمت آهي، آزادي جو قدر ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کان پڇيو ??يڪي مسلسل ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ غيرانساني روين جو نشانو بڻجي رهيا آهن، قائداعظم جنهن خواب جي تعبير کي حقيقت ۾ بدلايو، ان جي سچائي اڄ پوري طرح ظاهر آهي ته مودي سرڪار ڪهڙي طرح ڀارت جي اندر رهندڙ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهي آهي ۽ ڪشمير جي واديءَ کي 5 آگست 2019ع کانپوءِ عملي طور جيل ۾ تبديل ڪيو ويو ??هي، پاڪستان جي 74 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي زندگي، تحريڪ پاڪستان ۽ قرارداد پاڪستان جي حوالي سان ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن جي اهتمام هيٺ ناياب تصويرن جي نمائش ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي پوري قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پاڪستان جو قيام اسان تي اسان جي بزرگن جو هڪ احسان آهي ۽ اسان جو فرض آهي ته اسان هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ ڇڏي وڃون، اسان اهو فرض پنهنجي ٻارن جي لاءِ ضرور نڀائينداسين ۽ ملڪ کي ڪرپشن ۽ بد??نواني کان پاڪ ڪري ئي رهنداسين، ملڪ کي مثالي اسلامي فلاحي مديني جي رياست بڻائڻ جي لاءِ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا پبليڪيشن (ڊيمپ) جي اهتمام هيٺ آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٽن ڏينهن واري تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ??ه هر سال وانگر هلندڙ سال به اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستان جي عوام ۾ 1947ع جي آزادي جي جذبي جي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ هن نمائش جو انعقاد ڪيو ??يڪا عظيم اڳواڻ جي اصولن ۽ اعليٰ تصورن جي پيروي جي ياد ڏياري ٿي. سينيٽر شبلي فراز چيو ??ه آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد اها تصويري نمائش قائداعظم محمد علي جناح جي فعال قيادت ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ نئين اسلامي رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ??نڍ?? کنڊ جي مسلمانن جي ڊگهي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿي. هن چيو ??ه ان نمائش جو هڪ بنيادي مقصد اهو به آهي ته آزادي جي ڏهاڙي ۽ قرارداد پاڪستان جي حوالي سان نئين نسل کي اهو احساس ڏياري سگهجي ته پاڪستان ڇو اسان جي لاءِ ضروري هو ۽ اڄ به سمورن ??سئلن جي باوجود ڪيتري وڏي نعمت آهي ۽ ان جي تحفظ، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ??ه 14 آگسٽ جي تاريخ سدائين اسان کي ياد ڏياريندي رهندي ته ??نڍ?? کنڊ جي مسلمانن تمام گهڻين مشڪلاتن جي باوجود قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ پنهنجي قومي ۽ مذهبي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن جا موجوده وقت ۾ گهٽ ئي مثال ملن ٿا، قائداعظم محمد علي جناح 15 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي افتتاح جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ فرمايو هو ته ”قيام پاڪستان هن ملڪ جي شهرين تي هڪ وڏي ذميواري لڳائي آهي ۽ آزادي هن قوم کي اهو موقعو فراهم ڪيو ??هي ته اها دنيا کي ڏيکاري سگهي ته ڪهڙي طرح هڪ ڪثيرالناصر قوم ذات، پات ۽ عقيدي کان مٿانهون ٿي امن ۽ هم آهنگي ذريعي پنهنجي سمورن ??م وطنن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿي.“ وفاقي وزير چيو ??ه قائداعظم جنهن خواب جي تعبير کي حقيقت ۾ بدلايو، ان جي سچائي اڄ پوري طرح ظاهر آهي ته مودي سرڪار ڪهڙي طرح ڀارت جي اندر رهندڙ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهي آهي ۽ ڪشمير جي واديءَ کي 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ عملي طور جيل ۾ تبديل ڪيو ويو ??هي.