اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ??يئ??مين سينيٽر مصطفيِ نواز کوکر جي سربراهي ۾ منعقد ٿيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جي اجلاس ۾ معصوم مسيحي ٻارڙي جي اغوا سميت ٻيا معاملا بحث هيٺ آيا، اجلاس ۾ فيصل آباد پوليس عملدارن ڪميٽي کي ٻارڙي جي اغوا جي حوالي سان جاچ عمل کان آگاهه ڪيو ۽ ??ڌا??و ته ??ارڙي جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ کانسواءِ ٻي ضروري ڪارروائي اڪلائي وئي، ٻارڙي جي وارثن ان موقعي تي ??ڌا??و ته ??رح نالي ٻارڙيءَ ۽ ان جو ڀاءُ وقاص جاڙا آهن، ٻنهي جي پيدائش جي تاريخ فارم (ب) ۾ لکيل آهي، ٻارڙي جي والد پوليس جي رويي جي باري ۾ ڪميٽي کي شڪايت ڪئي، ڪميٽي جي ??يئ??مين ٻارڙي جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته ذميدارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪميٽي ايس ايس پي کي هدايتون ڏنيون ته ان پوري معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪميٽي کي 6 جنوري 2021ع تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.