اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو کي ري??يف ڏيڻ جي ??اء?? هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، معاشي ترقي جي ??اء?? اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکر?? جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان آهي. وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، توانائي واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر، واپار واري صلاحڪ??ر عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي معاشي ٽيم پاران عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي ۽ وڌندڙ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي بريفنگ ني وئي جڏهن ته کيس ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? مثالي قدم کنيا، ڪورونا وائرس جي وبا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ انتهائي تيزي سان اضافي جي باوجود حڪومت قيمتن کي گهٽ رکڻ جي ??اء?? قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ترقي جي ??اء?? اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکر?? جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان ڏنل آهي. هن معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ري??يف ڏيڻ جي ??اء?? هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.