اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عدليه تي حملو ڪرڻ، ججن تي الزام هڻڻ، وڊيو ٺاهڻ (ن) ليگ جي تاريخ رهي آهي، ميڊيا ۾ ايڊيٽوريل چيڪ هجڻ تمام ضروري آهي، چيف جسٽس جي سوموٽو نوٽيس جي آجيان ڪريون ٿا، وز??راعظم عمران خان سان اتحادي پارٽين جي م??مبرن جي م??اقات ۾ انهن جا خدشا ختم ڪيا ويا، سمورن اتحادين وز??راعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف تي پ??هنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع تي گهرايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي گهرو وز??ر شيخ رشيد احمد ۽ وز??راعظم جو خاص معاون شهباز گل پڻ موجود هو. چوڌري فواد حسين گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم جي الزامن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترو کل جوڳو لطيفو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان مون وٽ آيو، اسان چانهه پي رهيا هئاسين، اوچتو چيف جسٽس کي خيال آيو هن فون کنيو ته فلاڻي جج کي فون ڪريان. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته بدقسمتي سان ڪنهن جج جو نالو کڻي اخبار ايتري وڏي هيڊ لائين لڳائي غيرذميواري جو مظاهرو ڪيو، اخبار اهو چيڪ ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ته جنهن جج جو نالو ورتو پيو وڃي اهو جج بئنچ ۾ شامل ئي نه آهي. هن چيو ته ميڊيا ۾ ايڊيٽوريل چيڪ هجڻ تمام ضروري آهي، اهڙي طرح ڪا خبر وڏي اخبار ۾ بنا ايڊيٽوريل نه ٿي لڳي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سو موٽو جي آجيان ڪندي چيو ته (ن) ليگ جي شاهد خاقان عباسي ۽ خواجه آصف سو موٽو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ پوءِ عدالتن کي اسڪينڊل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي انهن ٻنهي ڄڻن کي به پنهنجي سوموٽو نوٽيس ۾ آڻڻ گهرجي، جڏهن ججن نوٽيس وٺي ڇڏيو هو ته انهن جو ڪم نه بڻجي ته اهي ان تي پريس ڪانفرنس ڪن. هن چيو ته وز??راعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين جي م??مبرن جي م??اقات ٿي آهي، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق)، بلوچستان عوامي پارٽي سميت سمورين اتحادي پارٽين جي قيادت ملاقات ۾ موجود هئي. اتحادين جا اعتراض تفصيل سان ٻڌا ۽ انهن کي ختم ڪيو ويو. سمورن اتحادين وز??راعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادتت تي پ??هنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو فيصلو ٿيو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع ڏينهن ٻه وڳي طلب ڪيو ويندو، اليڪٽورل ريفارم جا بل اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا، سمورا اتحادي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن.