اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ ترميمي بل 2021ع تي صحيح کي هڪ وڏو قدم قرار ڏيندي چي?? آهي ته ان سان ڌانڌلي جو خاتمو ٿيندو ۽ پاڪستان کي جمهوري طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پارليامينٽ مان م??ظو?? ٿيل چونڊ ترميمي بل 2021ع تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، ۽ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن سميت سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي اعليٰ آفسيرن شرڪت ڪئي. صدر جي پاران صحيح کانپوءِ چونڊ ترميمي بل 2021ع قانون بڻجي وي?? آهي، ان تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو حق حاصل ٿي وي?? آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ ترميمي بل لاءِ ڀرپور ڪوششن ۽ اڻٿڪ ڪوششن تي وزيراعظم عمران خان کي مبارڪباد پيش ڪئي، هن چ??و ته گذريل سمورين چ??نڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا آهن، 2013ع جي اليڪشن ۾ بيلٽ باڪس ۽ پرزائيڊنگ آفيسر گم ٿيا هئا، چونڊ ترميمي بل 2021ع جي قانون بڻجڻ کانپوءِ چونڊ بي ضابطگين ۽ ڌانڌلي کي روڪڻ ۾ مدد ملندي، هن چ??و ته موجوده حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين واعدو ڪيو هو ته هو چونڊ عمل کي شفاف بڻائيندي، ماضي ۾ حڪومتن جا پنج سال ڌانڌلي جي الزامن جي نظر ٿي ويندا هئا، نئي قانون سازي کانپوءِ چونڊن جو عمل صاف ۽ شفاف انعقاد يقيني بڻجندو، هن چ??و ته اسان جي خواهش آهي ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذ??يع?? چونڊن جي لاءِ سڀني کي قائل ڪنداسين، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چ??نڊن جي شفاف انعقاد ۾ سهولت ٿيندي، هاڻي ووٽرز جو بيلٽ پيپر ان جي سامهون پرنٽ ٿيندو، صدر چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ڪيلڪوليٽر وانگر ڪم ڪندي آهي، اي وي ايم سان ووٽن جي چوري جهڙن الزامن جو خاتمو ٿيندو، ان مشين جي ذ??يع?? فورن نتيجو توهان جي سامهون هوندو، چونڊن ۾ اوورسيز پاڪستانين جو به ايترو ئي حق آهي جيترو عام پاڪستانين ج?? آهي، هن چ??و ته ماضي ۾ ڪيترن ئي طريقن سان ڌناڌلي ڪئي ويندي هئي، پاڪستان ان وقت ترقي ڪندو جڏهن اسان جدت کي اختيار ڪنداسين. صدر چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مينوفيڪچرر نه آهي، هن پروٽوٽائپ مشين ٺاهي آهي ان ڳاله جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندو ته ان کي ڪهڙي مشين هجڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ٽائم لائن متعين ڪرڻ گهرجي ته جيئن اي وي ايم کي حاصل ڪيو وڃي، ماڻهن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي، هن چ??و ته نئين قانونسازي تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذ??يع?? راءِ جو حق استعمال ڪرڻ جو حق ڏنو وي?? آهي، نئين اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ هيڪنگ جو امڪان گهٽ آهي، ڪو به ملڪ نئين شيءَ تيار ڪري ترقي ڪند?? آهي، پاڪستان ان وقت ترقي ڪندو جڏهن اسان پنهنجي ڪم ۾ جدت پيدا ڪنداسين، پاڪستان کي اي وي ايم سان گڏوگڏ انٽرنيٽ ووٽنگ جي به ضرورت آهي، هن اميد ظاهر ڪئي حڪومت عوام سان جيڪو واعدو ڪيو هو ان کي پورو ڪندي ته جيئن ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي، صدر چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جي هر تڪ ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳايو ويو، 2013ع ۾ اسان جو الزام هو ته ووٽ وڪرو ٿيندا آهن، ڪيترن ئي چونڊ تڪن ۾ 3 لک اضافي بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا جنهن تي اسان احتجاج ڪيو.