اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا معاشي انگ اکر ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، هلندڙ مالي سال جي ??ڄاڻي تي معاشي ترقي گذريل مالي سال کان به وڌيڪ هجڻ جي اميد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ميڪرو اڪنامڪ مشاورتي گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي موجودگي ملڪي معاشي ۽ اقتصادي صورتحال، ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪيٽرز ۾ سراسري بهتري، ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبابندي ۽ عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي باوجود معاشي ترقي جي شرح کي وڌائڻ ۽ پائيدار بڻائڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومتن جي ??يدا ڪيل معاشي بحرانن ۽ ڪورونا وائرس جي ??با جي ڪري معاشي مشڪلاتن جو بهترين معاشي پاليسين سان مق??بلو ڪرڻ تي عالمي سطح تي پاڪستان جي ??ذيرائي ٿي. ڪورونا وائرس جي ??با دوران جڏهن پوري دنيا جا ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار هئا، حڪومت جي بهترين حڪمت عملي جي ڪري معاشي ترقي جي شرح 3.9 رهي، هلندڙ مالي سال جي ??ڄاڻي تي پاڪستان جي ??عاشي ترقي جي شرح ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ اضافي جو امڪا?? آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي ڪري گردشي قرضن ۾ گهٽتائي واقعي ٿي آهي، روينيو ۾ 35 سيڪڙو اضافو، جنهن ۾ صرف ٽيڪس جي ??د ۾ ئي 32 سيڪڙو اضافو، روانگي واپار ۾ اضافو، وڏي پئماني تي صنعت جي ??يداوار ۽ ويليو ايڊيشن ۾ اضافو خوش آئنده آهي، صنعتي خام مال جي درآمد ۾ اضافو نه رڳو صنعتي ترقي پر روانگي واپار ۽ مق??مي کپت جي ??تيجي ۾ روينيو ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندو. اجلاس کي ايگريڪلچر ٽرانفارميشن پلان تي اڳڀرائي ۽ ان جي ڪري پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافي تي به تفصيلي آگاهه ڪيو ويو، ان کانسواءِ عالمي سطح تي تيل جي ??يمتن ۾ متوقع گهٽتائي جي ڪري عوام تائين رليف پهچائڻ ۾ مدد تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا معاشي انگن اکر ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن. حڪومت نه رڳو گذريل حڪومت جي ??راثت ۾ ڇڏيل معاشي بحرانن پر ڪورونا وائرس جي ??با سبب پيدا ٿيندڙ معاشي مشڪلاتن جو بهترين طريقي سان مق??بلو ڪيو، وزيراعظم چيو ته هاڻي معيشت پائيدار ترقي جي طرف گامز?? آهي، وڏي پئماني تي صنعت جي ??يداوار، ويليو ايڊيشن، روينيو ۽ روانگي واپار ۾ اضافو واضح ڪري ٿو ته حڪومتي معاشي پاليسيون صحيح رخ ۾ جاري آهن، هلندڙ مالي سال جي ??ڄاڻي تي معاشي ترقي گذريل مالي سال کان به وڌيڪ هجڻ جي اميد آهي. وزيراعظم معاشي مشاورتي گروپ جي ??يمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ معاشي رليف کي عوام تائين جلد پهچائڻ جا قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، توانائي واري وزير حماد اظهر، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ڊاڪٽر راشد امجد، ڊاڪٽر سيد سلمان شاهه، ثاقب شيراني، ڊاڪٽر اشفاق حسن خان، ناڻي واري سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ، ايف بي آر چيئرمين محمد اشفاق احمد، ناڻي ۽ اقتصادي واري وزارت جي صلاحڪار ڊاڪٽر امتياز احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ڊاڪٽر عشرت حسين، سيد سليم رضا، ڊاڪٽر اعجاز نبي، ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري ۽ داڪٽر نديم الحق وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.