اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعا??ن تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه چيو آهي ته افغانستان جي موجوده صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ افغان عوام جي مدد لاءِ عالمي فنڊ جو قيام ۽ افغانستان لاءِ او آءِ سي جي خصوصي نمائندي جي مقرري اهم ڪام??اب?? آهي، اميد آهي ته اسلامي تعا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن کانسواءِ ٻيا ملڪ به ان فنڊ ۾ ح??و وجهندا، غير معمولي اجلاس جي ڪام??اب?? خوش آئنده آهي، اميد آهي ته ان سان خطي خاص ??ور تي افغانستان ۾ بهتري ايندي. هو او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ واپس وطن روانو ٿيڻ تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ ٻين کيس الوداع ڪيو. او آءِ سي سيڪريٽري جنرل چيو ته او آءِ سي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، اهو غير معمولي اجلاس هڪ وڏي ڪام??اب?? هو، خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان اهو اجلاس اهم هو، هن چيو ته اهو غير معمولي اجلاس ڪامياب رهيو ته جيڪا هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي، ڪانفرنس سان خطي خاص ??ور تي افغانستان جي صورتحال ۾ بهتري ايندي، هن چيو ته ان اجلاس جي هڪ اهم ڪام??اب?? اها آهي ته او آءِ سي جي اجلاس ۾ او آءِ سي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت کي افغانستان بابت خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو جنهن پنهنجو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هو رابطاڪاري جو ڪم سرانجام ڏيندو، هن اجلاس ۾ شريڪ طالبان جي نمائندي سان ملاقات به ڪئي، اميد آهي ته هو مستقبل ۾ به لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهندو، سيڪريٽري جنرل او آءِ سي چيو ته ٻي وڏي ڪام??اب?? افعانستان جي عوام لاءِ خصوصي فنڊ جو قيام آهي جنهن ۾ نه رڳو او آءِ سي جي ميمبر ملڪ پر ٻيا ملڪ به تعاون ڪندا ته جيئن 40 سالن کان مصيبتن جو شڪار افغانين جي مدد ٿي سگهي، هن چيو ته اجلاس ۾ افغانستان لاءِ حوصلا افزا اعلان ڪيا ويا آهن، ان پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جا تاريخي اثر پوندا، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته اميد آهي ته افغانستان جي باري ۾ او آءِ سي جا نمائندا خصوصي فعال ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي جنهن جي روڪٿام لاءِ او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ڀرپور آواز اٿاريو ويو.