اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) آزادي ڪشمير تحريڪ جي حوالي سان مظفرآباد ۾ خصوصي ڄمون ۽ ڪشمير موومينٽ تعمير ڪيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر ۾ يادگار شهداءِ ??و افتتاح ڪيو. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي يادگار شهداءِ ??ي افتتاحي تقريب جو خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي هو جڏهن ته تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئ??مي?? شهريار خان آفريدي، اپوزيشن اڳواڻ ۽ آزاد ڪشمير جي اڳوڻن وزيراعظمن سردار عتيق احمد خان، سردار يعقوب خان، پاڪستان پيپلزپارٽي جي صدر چوڌري لطيف اڪبر سميت وفاقي وزيرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. يادگار تي ڪشمير شهداءِ ??ا نالا لکيل آهن ۽ شهيدن جي قربانين کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، يادگار شهداءِ ??حريڪ آزادي ڪشمير جي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪر?? جي لاءِ ??عمير ڪئي وئي آهي، يادگار جي ڀرپاسي گيلري ۾ والاريل ڪشمير جي حالتن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي تقريب ۾ ڪشميري لوڪ گيت پڻ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي صدر کي يادگار شهداءِ ??ي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڀارتي جارحيت ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري گهيراءُ کي اڄ 915 ڏينهن ٿي چڪا آهن. آزادي ڪشمير تحريڪ جي حوالي سان مظفرآباد ۾ ه?? خصوصي ڄمون ۽ ڪشمير موومينٽ ٺاهيو ويو آهي. اهو موومينٽ ڪشميرين جي لازوال آزادي جي جدوجهد ۽ قربانين جو استعاره آهي. ان موومينٽ کي محمد فاروق ڊيزائن ڪيو آهي جنهن جو تعلق وزيرستان سان آهي، هي موومينٽ تلوچي پارڪ مظفرآباد ڪوهالا روڊ تي آهي.