اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي عورتن کي بااختيار بڻائڻ کي معاشي ترقي ۾ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي وڏي ذميداري هوندي آهي ته اها انهن جي مختلف شعبن ۾ حصيداري يقيني بڻائڻ لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اڄ صنفي برابري سڀاڻي پائيداريت“ جي موضوع تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو اهتمام يونائيٽيڊ نيشن وومن، گڏيل قومن جي آبادي فنڊ، يورپي يونين، يو ڪي ايڊ ۽ ڪينيڊا حڪومت جي تعاون سان ڪيو ويو هو. صدر ڊا??ٽر عارف علوي حضرت محمد ﷺ جي گهرواريءَ حضرت خديجه جو واپاري طور حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان سميت ڪٿي به عورتن جي ڪاروبار ڪر?? تي ڪا به پابندي نه آهي. هن چيو ته عورتون انٽرپيرينور تي زور ڏنو ته اهي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن ۽ عالمي منڊي ڳولين. هن عوامي جاين تي عورتن جي آزادي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اهي سٺي طريقي سان ۽ ڪنهن سماجي دٻاءُ کا??سواءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. هن عورتن کي مالياتي ۽ ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ پروگرام، عورتن جي وراثتي حقن جي قانون ۾ ترميم، عصمت دري ۽ خودڪشي جي واقعن بابت قانوني حڪمت عملي سميت عورتن کي بااخيتار بڻائڻ لاءِ قدمن تي اطمينان ظاهر ڪيو. هن چيو ته هن وقت بئنڪون عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهيون آهن. حراسگي ۽ استحصال جي ڪيسن تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان هن چيو ته گواهن جي ??يش نه ٿيڻ بابت عدالتن جا تازا فيصلا اهم آهن، ڇو ته انهن جي ??يش نه ٿيڻ سان ڏوهارين کي فائدو ٿئي ٿو. صدر چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي حقن جو عظيم علمبردار هو، هن سدائين عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪر?? جي حمايت ڪئي، ڇو ته اهي آبادي جي اڌ حصي کا?? وڌيڪ آهن. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊا??ٽر شيرين مزاري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد انهن جي ترقي جي عزم جو ورجاءُ ڪر?? ۽ انهن کي در??يش چئلينجن کي منهن ڏيڻ کي عملي شڪل ڏيڻ آهي. صدر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي ان موقعي تي هٿ جي هنر جي اسٽالن جو دورو به ڪيو.