اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام ??حت ??ڄي ملڪ جي پبلڪ يونيورسٽيز مان 92 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن، هلندڙ سال جي لاءِ ??ڄي ملڪ بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪسمير، گلگت بلتستان مان احساس اسڪالرشپس جي لاءِ هڪ لک 22 هزار 744 درخواستون ملي چڪيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان ??و احساس پروگرام گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي ٻارن جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم جي خواب جي تعبير کي ممڪن بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته جون 2023ع تائين اسڪروٽني جو عمل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 4 يا 5 ??الا گريجوئيشن پروگرام جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون.