اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ??اڪ??تان ڪنهن پاور پاليٽڪس جو حصو نه بڻجندو، سپر سانڪ ميزائل لانچ جي حوالي سان ڀارتي موقف غيرذميداراڻو ۽ ڀارتي دفاعي ۽ ٽيڪنيڪي نظام تي سواليه نشان آهي، ڀارت علائقائي سلامتي ۽ امن جي خلاف ڪوششن کان پاسو ڪري. هفتيوار بريفنگ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته او آءِ سي وزارتي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس ??اڪ??تان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي، وزيراعظم اجلاس کي اهم خطاب جڏهن ته اجلاس ۾ شريڪ او آءِ سي ملڪن جا پرڏيهي وزير 23 مارچ تي پريڊ ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال تي ڳالهائيندو، اجلاس ل??ءِ سمورا سيڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ترجمان چيو ته ??اڪ??تان امت جي اجتماعي مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ مسلمانن کي درپيش بي شمار چئلينجز کي منهن ڏيڻ ل??ءِ پوري اسلامي دنيا ۾ حصيداري ۽ تعاون جو پل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ، ڪووڊ – 19 جي وبا کان بحالي، امن ۽ سلامتي جي معاملن، اقتصادي ترقي، ثقافتي ۽ سائنسي تعاون ۽ او آءِ سي جي ڪردار کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جهڙين اهم ترجيحن تي به ڌيان ڏنو ويندو. ترجمان چيو ته 15 مارچ کي اسلامو فوبيا جو عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ بابت ??اڪ??تان پاران متعارف ڪرايل قرارداد جي جنرل اسيمبلي مان متف??ه منظوري ??اڪ??تان جي ڪامياب?? آهي. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان سمورن مذهبن ۽ تهذيبن جو احترام ڪري ٿو، يوڪرين جي صورتحال جي حوالي سان ترجمان واضح ڪيو ته ان معاملي تي ??اڪ??تان جو موقف واضح آهي، ??اڪ??تان ڪنهن به بلاڪ سياست جو حصو نه بڻجڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، اسان صرف امن ۾ حصيدار هونداسين، تڪرارن ۾ نه، ترجمان چيو ته ??اڪ??تان گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن تي به مسلسل زور ڏيندو آهي جنهن ۾ خودمختياري وارو حق، طاقت جو عدم استعمال، رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام، تڪرارن جو پ??امن حل شامل آهن. اسان سمجهون ٿا ته انهن اصولن کي مستقل ۽ عالمي سطح تي لاڳو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??اڪ??تان کي يوڪرين ۾ مسلسل فوجي تڪرار تي گهري ڳڻت?? آهي، اسان دشمني جي فوري خاتمي، انساني همدردي جي راهدارين جي قيام ۽ انساني امداد جي فراهمي، يوڪرين ۽ روس جي وچ م ڳالهيون جاري رکڻ ۽ سفارتي حل ل??ءِ مسلسل ڪوششن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون. ??اڪ??تان تڪرارن جي سفارتي حل جو حام?? آهي. 9 مارچ تي ڀارت اپران ميزائل لانچ ڪرڻ جي حوالي سان ترجمان چيو ته 9 مارچ تي ڀارتي سپر سانڪ ميزائل جتي ملڪي ۽ عالمي اڏامن کي خطري جي ور چاڙهيو اتي بي شمار انساني زندگين کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ترجمان ان سلسلي ۾ ڀارتي دفاع واري وزير جي جواب کي ناڪافي قرار ڏيندي رد ڪيو ۽ واقعي جي گڏيل جاچ جي حوالي سان ??اڪ??تان جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان ان سلسلي ۾ سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن ۽ گڏيل قومن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غيرذميداراڻي رويي کان آگاهه ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته ڀارت علائقائي امن ۽ سلامتي خلاف ڪوششن کان پاسو ڪري. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان امت جي اجتماعي مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ مسلمانن کي درپيش بي شمار چئلينجز کي منهن ڏيڻ ل??ءِ پوري اسلامي دنيا ۾ حصيداري ۽ تعاون جو پل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ، ڪووڊ – 19 وبا کان بحالي، امن ۽ سلامتي، اقتصادي ترقي، ثقافتي ۽ سائنسي تعاون ۽ او آءِ سي جي ڪردار کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جهڙين اهم ترجيحن تي به ڌيان ڏنو ويندو.\