اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير حافظ ??فيظ الرحمان ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حافظ ??فيظ الرحمان وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته چلاس ۾ پي ايم پاران عالمي معيار جي سهولتن سان ليس اسپتال جي منظوري مقامي ماڻهن جي لاءِ نعمت کان گهٽ نه آهي. هن چيو ته ٽريفڪ جي سڄو سال رواني جي لاءِ بابوسر ٽنل جي منظوري سان نه رڳو سياحت کي فروغ ملندو پر مقامي آبادي جي اچ وڃ ۽ معاشي سرگرميون سڄو سال ب??ا رڪاوٽ جاري رهنديون. حافظ ??فيظ الرحمان ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت تي وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪ??مت جي اولين ترجيح عوام جي خدمت آهي، چار سالن جي ڪاري دور ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي نظرانداز ڪيو ويو، انشاءَ الله ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو سفر هاڻي تيزي سان جاري رهندو.