اسلام ??باد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان ??يشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي پارلياماني ليڊر خالد مگسي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب ان ??وقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ا??ها?? ڪيو. ملاقات دوران ??زيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم تي اختر مينگل، خالد مگسي ۽ ان جي ساٿين جا ٿورا مڃيا. ان ??وقعي تي مسلم ليگ (ن) جا قومي اسيمبلي ميمبر خواجه سعد رفيق، سردار اياز صادق ۽ راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.