اسلام آباد – 17 – اپريل (اي ??ي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گهڻ مقصد ديامر ڀاشا ڊيم پاڪستان جي پاڻي جي سيڪيورٽي ۽ شفاف توانائي جي ضرورتن جي لاءِ انتهائي اهم آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف ديامر ڀاشا ڊيم کي گهڻ مقصد قرار ڏيندي چيو ته هي ڊيم پاڪست??ن ۾ پاڻي وسيلن جي دستيابي ۽ سيڪيورٽي سميت شفاف توانائي جي ضرورتن کي مڪمل ڪ??ڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته 2029ع جي شروعاتي ڊيڊ لائين بدران 27 – 2026ع تائين مڪمل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڪستان جي نئين سر تعمير جي لاءِ دل ۽ جان سان ڪوششون ڪريون ته ڪ?? به شيءَ ناممڪن نه آهي.