اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي سرڪاري د??ري تي اڱاري تي ا??ران روانو ٿي ويو آهي. کيس د??ري جي دعوت ايراني هم منصب ڊاڪٽر امير عبداللهيان ??ني آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ا??راني هم منصب سميت ٻين حڪومتي عهديدارن سان به ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير پنهنجي ا??راني هم منصب سان ??ڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ايران جي پنهنجي پهرين د??ري دوران بلاول ڀٽو زرداري ا??راني صدر سان به ملاقات ڪندو، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو ورتو ويندو. جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا، ايران ??ان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطا ۽ زائرين جي سهولتن جي فراهمي شامل ??هن. ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو جائزو به ورتو ويندو. خاص ??ور تي ا??غان سميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال سان ??ڏوگڏ سلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ??نو ويندو، پرڏيهي وزير سڀاڻي اربع ڏينهن مشهد جو دورو ڪندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايران جو دورو ٻن ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي گڏيل مٽاسٽا جو حصو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران ??ڏيل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لاڳاپن سان جڙيل آهن.