اسلام ??باد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين هڪ ڏينهن ۾ 57 ملين ڊالرز ملڪ موڪلڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، روشن ڊج??ٽل اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائڻ واري رقم 4.5 ارب ڊالر کان ??ڌي وئي آهي، وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۽ وزيراعظم جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف هڪ ئي ڏينهن ۾ رڪارڊ 57 ملين ڊالرز پاڪستان ??وڪلڻ تي ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گذريل هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان ??ڌيڪ 57 ملين ڊالر اسٽيٽ بئنڪ کي مليا آهن ۽ اها رقم ٻاهرين ملڪ پاڪستانين پاران ??ڪ ڏينهن ۾ موڪلڻ واري هن وقت تائين جي سڀ کان ??ڌيڪ رقم آهي. هڪ ڏينهن ۾ آيل ان رقم کانپوءِ روشن ڊج??ٽل اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندڙ رقم جو ماپو 4.5 ارب ڊالر کان ??پي ويو آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت روشن ڊج??ٽل اڪائونٽ اسڪيم ??ي مڪمل حمايت ۽ سرپرستي ڪ??ي رهي آهي، هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ رقم موڪلڻ تي ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جو ٿورو ادا ڪريان ??و. وزيراعظم چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، جنهن جون دليون پاڪستان ??ي محبت سان ڀريل آهن، ٻاهرين ملڪ پاڪستاني غير ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذريعي سدائين ملڪي معيشت ??ي مضبوطي ۽ بهتري ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن. توهان سان ??اعدو آهي ته موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڌٻڻ مان ??ڪري توهان جي اميدن ۽ لاڳاپن تي پورو لهنداسين، وزيراعظم چيو ته کيس مڪمل يقين آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني مستقبل ۾ به پاڪستان ??ي مدد انهي خلوص جي جذبي سان ڪندا رهندا، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ موجوده حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، اسان توهان جي زندگين ۾ آسانيون آڻڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين.