مظفر آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڄمون ڪشمير جي آزادي جي مزاحمتي جدوجهد جي اڳواڻ باباءِ ح??يت سيد علي شاهه گيلاني جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي پاسبان ح??يت ڄمون ڪشمير جي اهتمام هيٺ باباءِ ح??يت ڏهاڙي طور ملهايو ويو. تفصيل موجب ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پهرين صف جي آزادي جي مجاهد، ڪشميري عوام جي دلين جي ڌڙڪن، مزاحمتي تحريڪ جي سرخيل سيد علي شاهه گيلاني جي پهرين ورسيءَ کي پاسبان ح??يت ڄمون ڪشمير جي اهتمام هيٺ باباءِ ح??يت ڏهاڙي طور ملهائڻ جي لاءِ برهان واني شهيد چوڪ ۾ هڪ وڏي عوامي تقريب ۽ ريلي من??قد ڪئي وئي. جنهن ۾ بزرگن، ٻارن، جوانن سميت عورتن پڻ شرڪت ڪئي. شهرين ڪتبا ۽ بينرز کڻي رکيا هئا جن تي سيد علي گيلاني جا اقوال لکيل هئا جڏهن ته بينرز تي گيلاني جي لاءِ خراج عقيدت جا جملا پڻ لکيل هئا. باباءِ ح??يت ڏهاڙي ريلي کي اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر، بلديات واري وزير خواجه فاروق احمد، پاسبان ح??يت جي چيئرمين عزيز احمد غزالي، مولانا عبدالعزيز علوي، ڪل جماعتي ح??يت ڪانفرنس جي ميمبر دائود خان، جماعت اسلامي جي اڳواڻ لطيف عباسي، مهاجر ٽرسٽ جي چيئرمين يوسف بٽ، ح??يت اڳواڻ مشتاق الاسلام، ڊائريڪٽر ڪشمير لبريشن ڪميشن راجا سجاد لطيف خان، شوڪت جاويد مير، جاويد احمد مغل، حزب ڪمانڊر محمد اعظم غازي، واپاري اڳواڻ عبدالرزاق خان، راجا نثار احمد شائق، راجا سجيد خان?? محمد عامر، عثمان علي هاشم، ياسر نقوي ۽ هلال احمد فاروقي خطاب ڪيو. جڏهن ته شمشمير خان، مشتاق احمد بت، ماجد احمد شيخ، اقبال اعواڻ، چوڌري مشتاق، اقبال ياسين، چوڌري فيروز دين، علي محمد بٽ، عبدالحميد لون، سردار جاويد ۽ نشاد احمد بٽ خصوصي شرڪت ڪئي. مقررين باباءِ ح??يت ڏهاڙي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته باباءِ ح??يت سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ڀارتي قبضي کان آزادي جي لاءِ لازوال جدوجهد ڪئي. سيد علي گيلاني جي قربانين کي ڪشميري قوم سدائين ياد رکندي. باباءِ ح??يت ڏهاڙي ريلي کي خطاب ۾ مقررين جو وڌيڪ چوڻ هو ته سيد علي گيلاني جون قربانيون ضايع نه وينديون پوري قوم پنهنجي رياست جي آزادي جي لاءِ ان جي مشن کي جاري رکندي.