اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻوڏ مت??ثر کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي ۽ وفاقي حڪومت فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس جي شڪل ۾ وقت سر قدم کنيا آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٻوڏ مت??ثر 2316453 ڪٽنبن ۾ 57 ار?? رپ??ن کان وڌيڪ رقم ورهائي چڪي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متا??ر خاندانن ۾ 25 هزار رپ??ا في خاندان مالي امداد ورهائڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي. وفاقي حڪومت متاثرن کي مالي امداد جي فراهميءَ لاءِ فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس جي شڪل ۾ وقت سر قدم کنيا آهن جڏهن ته ٻوڏ مت??ثر علائقن ۾ قائم خاص ادائگي ڪيمپ مرڪزن مان پڻ ڪٽنبن کي روڪ رقم جي آسان ۽ شفاف فراهمي کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي، ڏکڻ پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس تحت هاڻ تائين مجموعي طور تي 2316453 ٻوڏ متا??ر خنادانن ۾ 57,911,325,000 رپ??ا ورهايا ويا آهن. بلوچستان ۾ ٻوڏ مت??ثر 172910 خاندانن کي 4,322,750,000 رپ??ا، سنڌ ۾ 1613673 خاندانن کي 40,341,825,000 رپ??ا، ڪي پي ڪي ۾ 257496 خاندانن کي 6,437,400,000 رپ??ا، پنجاب ۾ 271994 خاندانن کي 6,799,850,000 رپ??ا، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ مت??ثر 380 متا??ر خاندانن ۾ 9,500,000 رپ??ا ورهائجي چڪا آهن. مجموعي طور تي گذريل ڏينهن ٻوڏ مت??ثر 72155 خاندانن قائم مختلف ڪيمپن مان روڪ رقم حاصل ڪئي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ادائگين ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي.