اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 50 ملين ڊالر جي موجوده سطح کان وڌائي 150 ملين ڊالر ت??ئي?? وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي مڪمل امڪانن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? اها ڳالهه هنگري ۾ پاڪستا?? جي نامزد سفير آصف حسين ميمڻ سان ڳاله??ئي??دي ??ئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن هنگري ۽ پاڪستا?? جي نجي شعب?? جي وچ ۾ زراعت، عمودي آبادگاري، روبوٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، واٽر مئنيجمينٽ، فلڊ واٽر مئنيجمينٽ، فصل جي انشورنس ۽ اعليٰ پيداوار رکندڙ ٻج?? جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ ممڪن گڏيل منصوب?? جي لاءِ رابطا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هنگري سان تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. صدر چيو ته هنگري پاران پاڪستاني شاگردن کي ڏني ويندڙ وظيف?? جي مڪمل استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، هنگري پاران مستقبل ۾ پاڪستاني شاگرد?? جي لاءِ 200 اسڪالرشپس جي ايوارڊ کي وڌائي 400 ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هنگري ۾ تعليم يافته ۽ تربيت يافته پاڪستاني انساني وسيلن کي واپس پاڪستان طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. صدر پاڪستا?? جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ هنگري جي حڪومت جي حمايت کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته نامزد سفير پاڪستا?? جي حقيقي تشخص، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستاني قوم جي قربانين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ اقليت?? جي خلاف ٿيندڙ امتيازي سلوڪ، ڌمڪين ۽ تشدد کي پڻ اجاگر ڪري. صدر چيو ته هندوتوا جي فلسفي ۽ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان سان مسلمان?? جي جان ۽ مال خطري ۾ آهن.