اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته اسان هن وقت ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي جي خلاف حالت جنگ ۾ آهيون، ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي منصوبن جي لاءِ اربين رپين جا قرض گهربل آهن. وزيراعظم آف??س جي اڪائونٽس تان جاري ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي جي تصوير سان گڏ ڪيل ٽوئيٽ ۾ ??يو ويو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف فنانشل ٽائيمز کي پنهنجي انٽرويو ۾ ??يو ته جيڪي اسان جا مطالبا آهن ۽ جيڪو ڪجهه اسان کي ملي رهيو آهي ان ۾ تمام وڏو فرق آهي، اسان ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي جي خلاف حالت جنگ ۾ آهيون ۽ اسان ان جو شڪار آهيون، اڄ جيڪڏهن اسان ان جو شڪار آهيون ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ ان جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ اسان اهو نه ٿا چاهيون ته ائين نه ٿئي. وزيراعظم ??يو ته ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان کي بحالي جي لاءِ اربين رپين جو قرض گهربل آهي.