اسلام آباد ??? 24 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاء?? ڪمشنر ثقلين سيده، ڪينيا جا پوليس عملدار ۽ ڊاڪٽر هن وقت نيروبي جي مرده گهر ۾ موجود آهن. پاڪستاني هاء?? ڪمشنر مرحوم ارشد شريف جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي. سڃاڻپ کان پوءِ هاڻي ميت جي واپسي جي لاءِ قانوني عمل شروع ڪيو ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هن وقت ميت جي سڃاڻپ ۽ وطن واپسي جي لاءِ قانوني ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. ڪينيا جي عملدارن کي ضابطي جي ڪاروائي جلد مڪمل ڪرڻ جي ??رخ??است ڪئي آهي.