اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب نصاب تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگردن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي گهرج موجب هنر سيکاريا وڃن. اڪيڊمي ڌري?? جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??هترين عالمي طريقن کي اختيار ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڪيڊمي ادبيات پاڪستا?? جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ ۽ بورڊ آف گورنرز جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. صدر معاشري ۾ فن ۽ ادب جي فروغ لاءِ ??ڪيڊمي ادبيات جي ڪردار کي ساراهيو. هن اڪيڊمي ادبيات جي خدمتن ۽ مصنوعات جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ ٺوس ۽ موثر مارڪيٽنگ حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن اڪيڊميات جي ادبي مصنوعات ۽ خدمتن کي ويب سائيٽ ۽ سيل فون ايپليڪيشن ذريعي ڦهلائڻ ?? مدد ڏئي سگهجي ٿي. صدر پاڪستا?? جي مختلف علائقائي زبان?? جي تحفظ جي لاءِ ??ڪيڊمي جي ڪوششن کي ساراهيو، جيڪي نظرانداز ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر زبان مخصوص علم، حڪمت ۽ ورثي جو ذخيرو آهي، زبانن کي موجوده ۽ ايندڙ نسلن سان گڏوگڏ معاشري جي بهتري لاءِ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اڪيڊمي لاڳاپيل ڌري?? جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??هترين عالمي طريقن کي اختيار ڪري. هن اڪيڊمي کي هدايت ڪئي ته اها پنهنجي اهم هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??جيٽ جو دانشمنداڻي طريقي سان استعمال کي يقيني بڻائي. اڪيڊمي ادبيات جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ اجلاس کي ٻڌايو ته اڪيدمي مقامي اديبن ۽ شاعرن ۽ مرحوم اديبن ج?? سوڳوار ۽ مالي مشڪلاتن جو شڪار خاندانن کي ماهوار اعزازيو ادا ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ان اسڪيم سان هڪ هزار خاندان (غيرمصفين/ فوت ٿيندڙ ليکڪ جا سوڳوار خاندان) فائدو کڻي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڪيڊمي ريسرچ اسڪالرز، شاعرن، اديبن ۽ ادب جي شاگردن کي ضروري حوالاجاتي مواد فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ لائبريري به قائم ڪئي آهي ۽ اڪيڊمي جي لائبريري م 30 هزار کان وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. اڪيڊمي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو پاڪستاني زبانن، ادب جي فروغ ۽ ملڪ ۾ ليکڪ برادري جي ڀلائي لاءِ ??مورن حڪومتي نظامن کي نظم ۽ ضبط ۾ رکي ٿو. ان کانسواءِ ??ردو، انگريزي ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين ۾ ادبي رسالا تيار ڪري ٿو ۽ مختلف ادبي ايوارڊ?? جي لاءِ نال?? جي سفارش ڪري ٿو.