اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ مضبوط معاشري ۽ صحتمند ملڪ جي تعمير لاءِ سمورن شهرين کي هڪ جهڙي بنا ڪنهن فرق جي م??ياري صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ايڊز جي م??اثرين جي لاءِ ٽيسٽ ۽ علاج جي خدمتن جي فراهمي لاءِ پن??نجي حمايت کي ورجائي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پن??نجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته ا??ان قومي ۽ صوبائي سطح تي ايڇ آءِ وي تي ردعمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل حل جي حمايت، تحقيق ۽ علاج تائين پهچ کي وڌائڻ، معاشري جي ڪمزور طبقي کي م??اشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ ايڇ آئي وي جي بيمارين ۽ ان جي م??اثرين سان واڳيل بدنامي ۽ امتيازي سلوڪ جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻنداسين. هن چيو ته ا??ان يو اين ايڊ??، غيرسرڪاري تنظيمن، نجي شعبي ۽ پن??نجي ح??يد??رن سان گڏجي ايڇ آئي وي ۽ ايڊز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نوان طريقا ڳولڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. اها هڪ قابل علاج بيماري آهي، جيڪا ڪمزور ڪميونٽيز کي م??اثر ڪري رهي آهي. صدر چيو ته ا??ان انهن ماڻهن جي لاءِ به دعاڳو آهيون، جن ايڊز جي ڪري پن??نجون حياتيون وڃايون ۽ ڏکويل خاندانن جي م??ڻهن سان پن??نجي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪريون ٿا جن ان موذي بيماري جي ڪري پن??نجي پيارن کي وڃايو آهي. صدر عارف علوي ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پن??نجي حمايت کي ورجائيندي چيو ته ايڊز جي م??اثرين کي اها خاطري ڪرايون ٿا ته ا??ان نئين انفيڪشن کي روڪڻ جي مقصد سان گڏ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي هر سطح تي ڪم ڪندا رهنداسين، جيڪي م??ڻهو ان ۾ مبتلا آهن، انهن جو علاج انهن کي بدنام ڪرڻ کانسواءِ احتياط ۽ جذبي سان ڪنداسين ته جيئن ملڪ مان ايڊز جو صفايو اهڙي طرح ڪري سگهجي جيئن ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ڪاميابي سان ڪيو ويو آهي. صدر سڀني لاڳاپيل ڌرين تي هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو ته اهي ان بيماري کي مڪمل طور تي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پن??نجي عزم کي ورجائين ته جيئن عوام ۾ بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ڪمزور طبقن کي م??اورت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن بيماري کي مڪمل طور تي روڪي قيمتي جانين کي بچائڻ جي لاءِ شروعاتي م??حلي ۾ ان جي تشخيص ڪئي وڃي.