اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نامز?? چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ نامز?? چيف آف آرمي اسٽاف ليفٽيننٽ جنر?? سيد عاصم منير جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ ليفٽيننٽ جنر?? سيد عاصم منير کي مبارڪباد ڏني ۽ سندن نئين ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته توهان جي سربراهي ۾ هٿياربند فوج قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي بهتر انداز ۾ منهن ڏيندي ۽ مل?? مان دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.