اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ملڪ ۾ ڪنهن کي ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز منافعي خوري ج?? اجازت نه ڏينداسين، صوبا پنهنجي ۽ پاسڪو جي ذخيرن مان ڪڻڪ جي فلور ملز تائين وقت سر پهچ يقيني بڻائين ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي ج?? وقت سر پهچ جي لاءِ پنهنجي گورننس بهتر ڪن، گذريل 5 ڏينهن ۾ حڪومت جي قدمن جي ڪري اٽي ج?? 40 ڪلو جي ٿيلهي ج?? قيمت ۾ اٽڪل 1000 رپين جي گهٽتائي ٿي ج??ڪا خوش آئنده آهي، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارا اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزن جي خلاف سخت قدم کڻن، حڪومت غريب عوام جي لاءِ اٽي ج?? مصنوعي کوٽ سان مهانگائي پيدا ڪندڙن کي سزا ڏني ويندي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي ج?? مصنوعي کوٽ ۽ ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خوري ج?? حوالي سان ا??لي?? سطح جو هنگامي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيرا??ظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن جو جائزو ورتو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن ۽ صوبن کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته پاسڪو جي ذخيرن مان فلور ملز تائين ڪڻڪ جي پهچ وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. وڌيڪ اهو ته 1.3 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمدي ڪڻڪ جو اسٽاڪ پڻ ملڪ ۾ پهچي ويو آهي جڏهن ته جنوري ج?? پڄاڻي تائين وڌيڪ ايترو ئي اسٽاڪ پهچي ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال سيزن جي پڄاڻي تي ڪڻڪ جا ڪيري فارورڊ اسٽاڪ 1.4 ملين ميٽرڪ ٽن هوندا جيڪي نئين سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ ملڪي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن. وزيرا??ظم ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ صوبن کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ اٽي ج?? پهچ جي حوالي سان پنهنجي گورننس بهتر ڪن. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيرا??ظم جي صلاحڪار احد چيما، لاڳاپيل وفاقي ا??لي?? عملدارن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.