اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ڊيٽا ۽ معلومات 21 هين صدي جو نئون سون آه??، پاڪستان ۾ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري رهيو آه?? ۽ فيصلاسازن کي ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ فوري طور تي صحيح فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آه??، پاڪستان کي اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پنهنجي روانگي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت آه?? ۽ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ مختصر مدي ۾ روانگي واپار ۾ تيز رفتار ترقي جي صلاحيت موجود آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي ايڪس او ڊيجيٽل فورم جي اهتمام هيٺ گلوبل ڊيجيٽل سمٽ جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي ايڪس او ڊيجيٽل فورم ڪنول مسرور ۽ ميڊيا ٽيڪ آمريڪ?? جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مشيل اوڪونر پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن ۽ آءِ ٽي پروفيشنلز شرڪت ڪئي. صدر چيو ته موجوده دور ۾ ڊيجيٽل هيلٿ وڌيڪ اهميت حاصل ڪري ورتي آه??، اهو ضروري آه?? ته اسان انساني مصائب کي گهٽ ڪرڻ ۽ صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مصنوعي ذهانت جي استعمال تي ڌيان ڏيون، مصنوعي ذهانت ۽ اميج اينڊ پيٽرن ريلڪنيڪشن سافٽ ويئر ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي مختلف بيمارين جي بهتر تشخيص ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ٽيلي هيلٿ، آن لائين فارميسي، آن لائين ليبز، پريڪٽس مئنيجمينٽ سافٽ ويئر ۽ ٻين اوزارن نه رڳو صحت جي سارس??ڀا?? کي اسان سڀني جي لاءِ پهچ قابل بڻائي ڇڏيو آه?? پر پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري جي لاءِ اقتصادي راهون پڻ پيدا ڪيون آه??. هن پاڪستان ۾ ڊيجيٽل هيلٿ ايڪو سسٽم جي فروغ ۽ واڌويجهه تي زور ڏنو. صدر عارف علوي آءِ ٽي ماهرن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ جي لاءِ ڊيجيٽل ۽ ٽيلي هيلٿ پليٽ فارمز جي حوالي سان پاليسيون ٺاهڻ جي لاءِ حڪومت کي پنهنجون تجويزون پيش ڪن، انهن پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ نجي شعبي کي مهم هلائڻ ۽ هڪ فعال حصيدار بڻجڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي کي صحت جي بهتر سهولتن تائين محدود پهچ حاصل آه?? ۽ ڊيجيٽل هيلٿ جي صحيح استعمال سان خرچن ۾ گهٽتائي، ڪارڪردگي ۾ بهتري، صارفين جي مصروفيت ۾ اضافي ۽ مريضن جي سارس??ڀا?? ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي ڪنهن ڪنهن قسم جي ذهني دٻاءُ جو شڪار آه?? ۽ اهڙن مسئلن جو علاج ڪرڻ جي لاءِ ذهني صحت جي ماهرن جو انگ محدود آه??. هن چيو ته ٽيلي هيلٿ سروسز ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل جيٽ بوٽس وڌ کان وڌ ماڻهن کي ذهني صحت بابت مشاورت جون خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. صدر چيو ته اهو افسوسناڪ آه?? ته پاڪستان پنهنجي ٻارن کي پرائمري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ به پٺتي آه?? ڇو ته انگن اکرن موجب رڳو 68 سيڪڙو پاڪستاني ٻار پرائمري اسڪولن ۾ داخل آه?? جڏهن ته ڀارت پنهنجي ٻارن جي لاءِ 100 سيڪڙو پرائمري تعليم حاصل ڪئي آه??. هن چيو ته روايتي ۽ غيرروايتي تعليمي نظام تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان کي آن لائين ۽ هائبرڊ سکڻ جي طريقن جي ذريعي تعليم ۽ هنر جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته ڪوويڊ 19 دوران پاڪستان ۾ آن لائين تعليم جي فروغ ۾ اضافو ٿيو آه??. هن چيو ته مختلف تعليمي پس منظر سان تعلق رکندڙ 2.4 ملين ماڻهن وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام مان فائدو کنيو آه??. هن چيو ته ملڪ جي نوجوانن ۽ عورتن کي اهم ۽ قابل بازار ڊيجيٽل مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهڙا پروگرام جوڙي سگهجن ٿا. چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي ايڪس او ڪنول مسرور چيو ته پاڪستان کي نوجوانن جي ترقي ۽ انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڊيجيٽل شعبي ۾ پليٽ فارم ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪستان دني?? جي چوٿين وڏي فري لانس مارڪيٽ آه??. ان کان اڳ صدر پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين ۾ شيلڊز پڻ ورهايون.