اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وفاقي گادي واري شهر ا??لام آباد ۾ مقرر پرڏيهي سفيرن ۽ ڊپلوميٽڪ ڪور جي ٻين ميمبرن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو. انٽر فيٿ افطار ڊ??ر جو اه??مام پرڏيهي وزارت ۾ ڪيو ويو هو جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاونين، ڊين آف ڊپلوميٽڪ ڪور، اسلامي ملڪن سميت مختلف ملڪن جي سفيرن، پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو خاص معاون سيد طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر ا??د مجيد خان، اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ۽ ٻيون شخصيتون پڻ افطار ڊنر ۾ شريڪ ٿيون.