اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪ يورپي يونين ڪائونٽر ٽيررازم ڊائيلاگ 27 اپريل تي برسلز ۾ منعقد ٿيو. ڊائيلاگ 2019?? جي اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جي فريم ورڪ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي وسيع تر مشغوليت جي حصي طور دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون تي اهم ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي پرزور مذمت ڪئي ۽ پرتشدد انتهاپسندي، آف لائين ۽ آن لائين بنياد ??رستي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ تعاون کي وڌائي دهشتگردي جو گڏيل مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گهڻ رخي فورم جهڙوڪ گڏيل قومن ۽ گلوبل ڪائونٽر ٽيررازم فورم ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. ڊائيلاگ افغانستان جي صورتحال جي وسيع تر سلامتي جي خطرن سميت علائقائي ۽ عالمي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ??رڻ جو موقعو فراهم ڪيو. اجلاس دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مدد جا ٺوس طريقا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪيو. لاڳاپيل وفدن ??ي قيادت يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس ۾ ڪامن سيڪيورٽي اينڊ ڊفينس پاليسي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر بينيڊڪٽا وون سيهر ٿوس ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۾ دهشتگردي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالحميد ڪئي.