اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي اکين 9 مئي جهڙو دل ڏ??وئ??ندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام نه آهي پر شهيدن جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ انهن جي يادگارن کي پيرن هيٺان لتاڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، جيڪڏهن شرپسندن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ته خدانخواسته هي ملڪ نه بچندو، سويلين ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف آرمي ايڪٽ ۽ ٻين لاڳاپيل قانونن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ 9 مئي سانحي جي حوالي سان بحث ۾ حصو وٺندي وز??را??ظم 9 مئي سانحي جي مذمت جي حوالي سان ايوان جي قرارداد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته 9 مئي تي سويلين ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس هلايا ويندا. وز??را??ظم چيو ته ميانوالي ايئر بيس تي جيڪو جهاز بيٺل هو اهو غريب عوام جي رت پگهر جي ڪمائي سان وطن جي دفاع لاءِ خريد ڪيو ويو هو، اتي انهن جٿن باهه لڳائي، اها سڌوسنئون ملڪ دشمني نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اهڙا ڪيس آرمي ايڪٽ تحت هلايا ويندا. وز??را??ظم واضح ڪيو ته سول ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف موجوده قانونن تحت ڪيس هلايا ويندا ۽ ڪا نئين قانونسازي نه ٿيندي. وز??را??ظم چيو ته عمران نيازي گذريل ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن سڌوسنئون ڪوڙ ڳالهايو. وز??را??ظم شهباز شريف موجوده آرمي چيف ۽ ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي انهن جي ع??دي تان هٽائڻ جي حوالي سان عمران خان جي ٽوئيٽ کي ڪوڙ ۽ دوکو قرار ڏنو. وز??را??ظم چيو ته اها ڳالهه ان جي ذاتي ڄاڻ ۾ آهي ته جڏهن ان وقت جو ڊي جي آءِ ايس آءِ عمران خان وٽ پهتو ۽ ان کي حقيقتن جي بنياد تي ان جي گهرواريءَ جي ڪرپشن جا ثبوت فراهم ڪيا ته عمران خان کي ڪاوڙ آئي ۽ باقي تاريخ جو حصو آهي. وز??را??ظم چيو ته 60 ارب جي ڪرپشن کي توهان ڪٿي کڻي ويندا؟ سعودي ولي ع??د جي نادر تحفي کي بازار ۾ وڪرو ڪيو ويو ۽ جعلي رسيد ڏني وئي، ان کان وڌيڪ هن قوم ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب سان سنگين مذاق ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. وز??را??ظم چيو ته جڏهن 60 ارب رپين جي ڪرپشن تي ع??ران خان کي نيب نوٽيس جاري ڪيو ته ان کي به ان جي ڄاڻ نه هئي، ان جي نتيجي ۾ 9 مئي تي جيڪا تباهي ٿي، اسان جي اکين اهڙو دل ڏ??وئ??ندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، پنهنجي اقتدار ۾ عمران خان پوري اپوزيشن کي جعلي ڪيسن ذريعي ڀت سان لڳايو، جڏهن اپوزيشن جا ميمبر ڪوٽ لکپت جيل ۾ ويندا هئا ته ذاتي اناءَ جي تسڪين جي لاءِ عمران خان لاهور پهچندو هو ۽ هدايتون جاري ڪندو هو. وز??را??ظم چيو ته 60 ارب رپيا قوم جو پئسو هو، اهي پئسا سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ نه قومي خزاني ۾ اچڻ گهرجن ها، عمران خان ڪابينا کان زبردستي ان جي منظوري ورتي. وز??را??ظم چيو ته عمران خان آمريڪي سازش جو الزام هڻي پاڪ – آمريڪا لاڳاپن جون ڌڄيون اڏايون، ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه وڌي وئي ته آمريڪا سازش ڪري ان جي حڪومت ختم ڪئي، هاڻي ع??ران خان آمريڪا کان مدد گهري رهيو آهي، عمران خان پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي برباد ڪري ڇڏيو، اُهو چين جيڪو هماليه وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، اهو چين جنهن جي – 20 جي سرينگر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان صاف انڪار ڪيو آهي انهي چين جي خلاف عمران خان الزام بازي ڪئي ۽ چيو ته سي پيڪ ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪو ??ه درد دل رکندڙ پاڪستاني اهڙي قسم جي ڳالهه نه ٿو سوچي سگهي، آئون چيني قيادت کي سلام پيش ڪريان ٿو جن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. وز??را??ظم چيو ته سعودي عرب ۽ ترڪيءَ مان به سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، ڪالهه منهنجي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان به ڳالهه ٿي آهي ۽ ان سان پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير مون کي ٻڌايو ته صورتحال تي ان جي نظر آهي ۽ پوري دنيا کي اسان حقيقتن کان آگاهه ڪري رهيا آهيون، ٻن، ٻن ۽ ٽن ٽن ماڻهن تي ٻڌل وفد پڻ ٻاهر موڪلينداسين. وز??را??ظم چيو ته هي قوم 9 مئي کي ڪڏهن به نه وساريندي، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام نه آهي پر جن شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪئي، شهيدن جي يادگارن کي پيرن هيٺان لتاڙيو ۽ قائداعظم هائوس کي راک بڻايو انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، جيڪڏهن انهن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ته خدانخواسته هي ملڪ نه بچندو. وز??را??ظم چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سدائين صبر ۽ تحمل سان دل ڏ??وئ??ندڙ واقعن کي منهن ڏنو ۽ جمهوري طريقيڪار اختيار ڪيو. وز??را??ظم چيو ته 9 مئي سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ قوم جي امانت آهي ۽ هو قوم جي امانت کي قوم کي واپس ڪندا.