باغ -22 مئي (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آ??ي، ته ڀارت جي20 ڪانفرنس جو هڪ حصو سرينگر منتقل ڪري حقيقتن کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. والاريل ڪشمير کليل جيل وانگر آ??ي، مودي حڪومت ڪوڙ تي ٻڌل منظرنامي ۽ ڪوڙو ڊرامو ڪري والاريل ڪشمير جي عوام جا حوصلا پست ڪرڻ چاهي ٿي، پر ڪشميرين جو آزادي وارو جذبو قائم ۽ دائم آ??ي، پوري پاڪستاني قوم والاريل ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان سان گڏ بيٺل آهي. جي20 اجلاس جي روشني ۾ باغ جي دوري جي موقعي تي اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته ڪشميرين سان گڏيل قومن ذريعي حق خوداراديت ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آ??ي، ڀارت جي وزيراعظم پنڊت جواهر لعل نهرو به ڪشميرين سان اهو ئي واعدو ڪيو هو. گڏيل قومون ۽ سڄي دنيا درپيش مختلف معاملن تي جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪري ان کي حل ڪرائي ٿي. جڏهن ته گڏيل قومن جو ڪشميرين سان ڪيل پراڻو واعدو اڃا تائين وفا نه ٿيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت مختلف دورن ۾ مظلوم ڪشميرين خلاف مختلف حربا اس??عم??ل ڪندي رهي آهي. ڀارت ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ، تشدد ۽ قانوني ڪارروائين سميت ٻيا حربا اس??عم??ل ڪري رهيو آ??ي، ج??هن ذريعي هو ڪشميرين جي سڃاڻپ ۽ ا??هن جي جذبن کي دٻائڻ چاهي ٿو. ڀارت ان ۾ نه ڪڏهن ڪامياب ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿيندو.