اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) پي ڊي ايم ۽ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چ??و آهي ته اسان آئين ۽ قانون جي پاسداري تي يقين رکون ٿا، ڪنهن کي به پارليامينٽ ۽ عوام جي تذليل جي اجازت نه ڏني ويندي، وزيراعظم ۽ پارليامينٽ جو تحفظ ۽ عدليه جي وقار کي بحال ڪنداسين، فيصلو پاڪ??تا?? جي عوام ڪندو، سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهندي پنهنجا فرض سرانجام ڏين، سياست صرف سياستدانن جو ڪم آهي،بدمعاشن جي جٿن کي سياست نه چيو وڃي. پي ڊي ايم جي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي هن چ??و ته فيصلو پاڪ??تا?? جو عوام ڪندو، عدليه اسان لاءِ محترم آهي، اسان عدليه جي وقار کي بحال ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چ??و ته اسلام عدل ۽ انصاف جو هڪ معيار مقرر ڪيو آهي، انصاف جو بنياد برابري تي آهي، منصف لاءِ جائز ناهي ته هو ڪنهن ??ي طرفداري ڪري، هن چ??و ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي حڪومت کي نه ٽوڙيو وڃي ها ته ملڪ ۾ بحران نه پيدا ٿئي ها، هن چ??و ته ڪنهن کي پارليامينٽ ۽ عوام جي تذليل جي اجازت نه ڏني ويندي، جيڪو اسان جي تذليل ڪندو ان کي تسليم نه ڪنداسين، سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي پنهنجا فرض سرانجام ڏين، سياست صرف سياستدانن جو ڪم آهي، بدمعاشن جي جٿن کي سياست نه چيو وڃي. هن چ??و ته اسان جي سامهون واقع عدليه جي عمارت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ رينجرز ۽ پوليس مقرر آهي، مان کين چ??ان ٿو ته بيشڪ هو هٽي وڃن اسان هن ??مارت جي حفاظت ڪنداسين ۽ هن ??ي عزت ۽ وقار کي ڪنهن کي ميري اک سان ڏسڻ نه ڏينداسين، هن چ??و ته اسان به اختلاف ڪيا، 2018ع جي چونڊن ۾ کليل ڌانڌلي ٿي، جنهن ??لاف اسان ميدان ۾ نڪتاسين ۽ ڪنهن ??ي ناراضگي جي پرواهه نه ڪئي، اسان جڏهن ڌانڌلي خلاف انهي عمارت آڏو ڌرڻو ڏنو هو ته ڪنهن ??و موٽو نه ورتو، اسان ڪيترائي ملين مارچ ڪيا پر ڪنهن نوٽيس نه ورتو، 15 لک ماڻهن ??و اجتماع ڪيو پر ڪنهن ??ي ڪنن تي جون نه چري، هن چ??و ته ننڍي کنڊ جي 300 سالن جي تاريخ ۾ غلامي جون زنجيرون اسان ٽوڙيون آهن ۽ اسان اڄ به زنجيرون ٽوڙڻ چاهيون ٿا. هن چ??و ته وزيراعظم جي نااهلي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ناجائز هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان وزيراعظم ۽ پارليامينٽ جو تحفظ ڪنداسين. هن چ??و ته لاڏلي کي عدالت ۾ احترام ڏنو ويو ڇا اهو جائز هو؟ ڪنهن ??وابدار جو ريمانڊ ڏيڻ کانپوءِ ان جي ضمانت جو ڪو مثال موجود ناهي. هن چ??و ته آرمي چيف پنهنجي سينارٽي تي مقرر ڪيو ويو آهي، پاڪ??تا?? کي متحد ??کڻ جي آخري طاقت فوج آهي، عمران خان فوج ۾ ورهاست جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چ??و ته اسان فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هئاسين ۽ بيهنداسين، مولانا فضل الرحمان چ??و ته ڪور ڪمانڊر هائوس، جي ايڇ ڪيو، قلعه بالاحصار، ميانوالي ايئر بيس، شهيدن جي يادگارن جي حملا ڪندڙن کي تحفظ نه ڏنو وڃي. هن چ??و ته نبي ڪريم صلعم فرمايو هو ته جيڪڏهن پاڻ سڳورن جي ڌيءَ به چوري ڪندي ته اها سزا جي حقدار هوندي، اسلام عدل ۽ انصاف جو اعليٰ معيار مقرر ڪيو آهي. هن چ??و ته جنهن ??ستور جي بنياد تي عدالتون فيصلا ڏين ٿيون اهي دستور اسان بڻايا آهن، جنهن قانون جي بنياد تي عدالتون فيصلا ڏين ٿيون اهي قانون اسان ٺاهيا آهن ??ه ڇا اسان قانون نٿا ڄاڻون، پاڪ??تا?? ۾ يهودي لابي نه هلندي، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي سازش نه هلندي، آئين جي اسلامي حيثيت جو تحفظ ڪيو ويندو. هن چ??و ته عمران خان ڪشمير کي هند??تا?? ۾ ضم ڪرڻ لاءِ مودي جو سهولتڪار بڻيو. هن چ??و ته اسان اصولن جي سياست ڪريون ٿا، اسان سڀني جي آڏو حق جي ڳالهه ڪنداسين ۽ آمريڪا، يورپي يونين ۽ ڀارت آڏو به حق جو علم بلند ڪنداسين. ڀارت ۾ خوشي جي لهر آهي ۽ عمران خان کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏنو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته ايترو نقصان پاڪ??تا?? کي ڀارت به نه پهچائي سگهيو، اڄ ڀارت ۾ پاڪ??تا?? جا دشمن خوش آهن ۽ چئي رهيا آهن ??ه عمران خان پاڪ??تا?? جو ستياناس ڪري رهيو آهي، هن فوج کي نشاني تي رکيو آهي. هن چ??و ته اسان جي باري ۾ خيال ڪيو پيو وڃي ته اسان هتان هليا وينداسين ته ٻيهر ڪيس ٻڌو ويندو پر مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ٻيهر اينداسين ۽ شاهراهه دستور تي پنهنجا جهنڊا ڦڙڪائينداسين ۽ پوءِ عوام جي عدالت لڳائينداسين. مولانا فضل الرحمان چ??و ته هو پي ڊي ايم ۾ شامل سمورن اڳواڻن شاهه زين بگٽي، خالد مگسي ۽ خالد مقبول سميت سڀني کي ڀليڪار چوي ٿو ۽ ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪري ٿو ته مختصر وقت ۾ ڀرپور جذبي سان هتي پهتا آهن ۽ اسان جي آواز تي لبيڪ چيو آهي. هن ڪارڪنن تي زور ڀريو ته هو پرامن رهن ۽ ٻين کي به پرامن رهڻ جي هدايت ڪن. مولانا فضل الرحمان ڪارڪنن کي چيو ته هو حوصلو رکن، پنهنجي ايمان ۽ جذبي جي حفاظت ڪن، اسان جو ملڪ ۽ دين محفوظ آهي جيستائين اسان زنده آهيون اسلام دشمن ۽ يهودين جا خواب شرمنده تعبير ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪ??تا?? کي اسلام جو قلعو بڻائينداسين.