انقره-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز پاڪستان ۾ ترڪيھ جي سيڙپڪارن جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ – ياترم جي چيئرمين ۽ ترڪيھ جي پرڏيهي، اقتصادي لاڳاپ?? واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي صدر نيل او??پا?? سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تجديد جوڳي توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهيون ٿيون. ترڪيھ جي پرڏيهي اقتصادي لاڳاپ?? واري بورڊ جي صدر وزيراعظم کي ترڪ ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي بابت آگاهه ڪيو، جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ ترڪيھ ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شرڪت ڪئي.