اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليسڪو جي رٽائرڊ ملازم جي اپيل منظور ??ري ورتي، 2 لک رپيا بطور شادي گرانٽ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ادارن جي ذميواري آهي ته اهي ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن. محمد آصف ليسڪو ۾ ملازم هو، رٽائرمينٽ کانپوءِ ”شادي گرانٽ“ جي لاءِ درخواست ڏني، ليسڪو پٽ جي شادي جي 2 سالن کانپوءِ درخواست ڏيڻ تي درخواست رد ڪئي، شادي گرانٽس جي ضابطي موجب سموريون درخواستون شادي جي تاريخ جي 6 مهينن جي اندر پهچڻ گهرجن. شڪايت ??ندڙ وفاقي محتسب سان ??جوع ڪيو جنهن ليسڪو جي بدانتظامي ثابت نه ٿيڻ تي شڪايت ??ي رد ڪري ڇڏيو. بعد ۾ شهري وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف محمد آصف (شڪايت ??ندڙ) جي درخواست قبول ڪري ورتي. صدر چيو ته ملازم جي شادي گرانٽ جي حقدار هجڻ تي ڪو اختلاف نه آهي، سواءِ ان ??ي ته درخواست دير سان ??مع ٿي، سرڪاري ادارا ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن ته جيئن اهي پنهنجي حقن ک??ن محروم نه رهن. صدر شهري جي اپيل منظور ??ري ورتي، ليسڪو کي 30 ڏينهن ۾ ملازم کي 2 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ??ري ڇڏي. هن چيو ته لاهور اليڪٽرڪ س??لائي ڪمپني (ليسڪو) ملازم کي پٽ جي لاءِ 2 لک رپيا ”شادي گرانٽ“ طور ادا ڪري. هن چيو ته قانون کان ??ڻڄاڻائي جي ڪري ماڻهو وقت تي فائدو کڻڻ ک??ن محروم رهجي وڃن ٿا، اسان کي ان ??و خيال رکڻ گهرجي، افسوس ته ملازم پنهنجي حق کان ??ڻڄاڻ هو، ٻين کان ??بر پئي ته پٽ جي شادي جي لاءِ گرانٽ ملڻ ممڪن آهي، اها سرڪاري ادارن جي ذميواري آهي ته اهي ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن.