اسلام آباد – 14 – ??ون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سامونڊي ??وفان جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ??يڻ جي لاءِ تياريون ڪري ورتيون آهن، ماڻهن ??ي سامونڊي ??لائقن مان محفوظ جاين تائين منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي صورتحال جي نگراني ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته سامونڊي ??وفان بپرجوائي جي ڪيٽي بندر سان ٽ??رائڻ جي امڪانن جي ڏس ۾ سمورا لاڳاپيل حڪومتي ادارا ماڻهن جي اڳواٽ ريسڪيو کي يقيني بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هن هدايت ڪري ڇڏي آهي ته سامونڊي ??لائقن ۾ رهندڙ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ??ي حفاظتي جاين تائين پهچايو وڃي جتي انهن ??ي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ خوراڪ سان گڏوگڏ طوفان جي خاتمي تائين رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن ??يو ته بپرجوائي سان پيدا ٿيندڙ امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ??يڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ۾ لاڳاپيل وفاقي وزير ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جا نمائندا شامل آهن جيڪي مسلسل ان طوفان جي نگراني ڪري ڪنهن به صورتحال کي منهن ??يڻ جي لاءِ 24 ڪلاڪ رابطو بحال رکندا. هن ??يو ته ڪراچي ۾ به برساتن ۽ تيز هوائن جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال جي لاءِ تياري ڪئي وئي آهي جڏهن ته سامونڊي مُهاڻن ۽ سامونڊي ??لائقن تي آبادي جو انخلا تيزي سان جاري آهي، الله تعاليٰ هن قومي ڪوشش سان اسان کي پنهنجي شهرين کي ان طوفان جي نقصانن کان محفوظ رکندو.