اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن جي ڪارڪردگي ۽ پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ سان گڏوگڏ مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏ??ند?? چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ غيرمعمولي ترقي ڪاروبار ۽ صنعتڪارن جي لاءِ صحت، تعليم، ڪاروبار ۽ صنعت جهڙن مختلف شعبن ۾ نوان موقعا پيدا ڪيا آهن ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي ڪمپنين کي ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ عالمي موقف کي اختيار ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ايجوڪيشن فائونڊيشن جي وفد سان ڳالهائ??ند?? ڪيو. اجلاس ۾ سوليٽن انويسٽم??نٽ فنڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر منصور علي خان، سوليٽن گروپ جي باني ۽ سي اي او ڊاڪٽر فوزيه خان، آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي نمائنده ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفد سان ڳالهائ??ند?? صدر پاڪستان جي آءِ ٽي ڪمپينن جي لاءِ مقامي ۽ عالمي سطح تي تعليمي ادارن ۽ صنعتن سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اڪيڊمي ۽ صنعت جي ڌرين جي وچ ۾ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري، اهم اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي سنگ ميل حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. صدر آن لائين ڪورسز ۽ گهٽ مدي واري ايسوسي ايٽ ڊگري پروگرامن جي ذريعي نوجوانن کي روزگار جي قابل هنر سان ليس ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ۾ هنر تي ٻڌل تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. هن چيو ته هو ڌرين تي مسلسل ??ور ڏ??ند?? رهيو آهي ته اهي وڌيڪ هنرمند گريجوئيٽس تيار ڪن، اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾سيڙپڪاري ڪن، تيز رفتار فيصلا ڪن ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جي لاءِ وقت سر پاليسين کي لاڳو ڪن. هن چيو ته مصنوعي ذهانت تي ٻڌل حل پاڪستان جي اٽڪل 27 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾ پڻ مدد ڪري سگهي ٿو. وفد صدر کي آرٽيفيشل انٽيلي جنس ايجوڪيشن فائونڊيشن بابت ٻڌايو جنهن جو مقصد وڏي پئماني تي مصنوعي ذهانت تي ٻڌل صنعتي حل کي فروغ ڏيڻ آهي. وفد مصنوعي ذهانت کي لاڳو ڪرڻ ۽ معيشت جي مختلف شعبن جي لاءِ ان جي فائدن تي پڻ روشني وڌي. صدر مقامي يونيورسٽين سان حصيداري ۾ پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت کي فروغ ڏيڻ تي آرٽيفيشل انٽيلي جنس ايجوڪيشن فائونڊيشن کي ساراهيو. ان تي ??ور ڏنو ته اها پنهنجي ڪم جي پهچ ۽ دائري کي وسيع ڪرڻ تي ڌيان ڏي.