اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ شهرين جي پريشانين جو نوٽيس وٺندي صوبائي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم برس??ت واري صورتحال ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ٽيمن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن هدايت ڪئي ته شهرين کي تڪليف ۽ پريشاني کان بچائڻ جي لاءِ ڪا سستي نه ڏيکاري وڃي، ب??سا??ي صورتحال جي ڏس ۾ مسلسل مانيٽرنگ ۽ انتظامي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي ?? 24 ڪلاڪن جي بنياد تي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم ب??سا?? ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ ٽريفڪ جي رو??ني ۽ متبادل رستن جي وقت سر نشاندهي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ حفاظتي ۽ اڳواٽ انتظامن جي پڻ هدايت ڪئي ۽ چيو ته صوبائي حڪومتون ۽ ضلعي انتظاميا هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري شهرين کي پريشاني کان بچائن.