اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترقياتي منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي ??فتار کي تيز ڪيو وڃي، نوجوانن جي ??رقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت هيٺ هلندڙ مالي سال ۾ ترقياي منصوبن بابت اعليٰ سطح جو ا??لاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال، وزيراعظم جي ??لاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ احمد خان، شزا فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ??رڪ?? ڪئي. اجلاس کي مالي سال 24 – 2023ع ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ان تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي نوجوانن ۽ عورتن جي ??رقي، زراعت، صنعت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي ??رقياتي منصوبن جي ??والي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سڄي پاڪستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم ميرٽ اسڪالرشپ جي ??روعات ڪئي پئي وڃي. پوري پاڪستان ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي. سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي ??فتار کي تيز ڪيو وڃي. هلندڙ مالي سال پٺتي پيل علائقن جي ??رقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته نوجوانن جي ??رقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت جي ??عبي جي ??رقي ۽ ٽيوب ويلز جي ??ولرائيزيشن جي منصوبي تي پڻ جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم سمورن منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورن منصوبن جي مقرر مدي ۽ حڪمت عملي تي پڻ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.