اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ يوڪرين واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، دفاعي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ??هي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري پنهنجي يوڪريني هم منصب ديمترو ڪوليبا سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ??ه يوڪرين سان ٻطرفا واپ??ري ۽ اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ پاڪستان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪ??ري جي ذريعي يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل جي اميد ظاهر ڪندي چيو ??ه روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ج??ري جنگ ۾ انساني جانين جي زيان تي افسوس آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ٿيڻ گهرجن. هن چيو ??ه هڪ غيرمستحڪم خطي ۾ هڪ ملڪ طور اسان سمجهون ٿا ته پ??اڻا علائقائي تڪرار اسان جي گڏيل سلامتي کي ڪهڙي طرح خطري ۾ وجهي سگهن ٿا، يوڪرين جي تڪرار اسرندڙ ملڪن ۽ گلوبل سائوٿ جي لاءِ خاص طور تي ٻارڻ، خوراڪ ۽ ڀاڻ جي حوالي سان مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن ۽ پاڪستان به ان کان مستثنيٰ نه آهي. هن چيو ??ه يوڪرين جي پرڏيهي وزير سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ اهميت وارن علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پاڪستان جا يوڪرين سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ??ه پ??ڪستان ۽ يوڪرين جي لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي ۽ ان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، زرعي ۽ دفاعي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ گهرا رابطا شامل آهن، اسان گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، واپ??ري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي تعمير پاڪستان جي لاءِ ترجيحي شعبو آهي. هن چيو ??ه اسان گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش رکون ٿا جيڪي اسان جي قومن جي خوشحالي ۽ ڀلائي ۾ مددگار ٿين. پرڏيهي وزير چيو ??ه اڄ جي ملاقات ۾ اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ باقاعده ڳالهه ٻولهه ۽ انگيجمنٽ جي اهميت تي اتفاق ڪيو، اسان مقرر وقت ۾ مختلف اداراجاتي مڪينزم جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ??هي، اسان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائينداسين. بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ??ه اسان ڳالهه ٻولهه ۾ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، مون يوڪرين جي پرڏيهي وزير سان موجوده صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظ??ار ڪيو ۽ قيمتي جانين جي زيان ۽ بي پناهه انساني مصيبتن تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظ??ار ڪيو. هن چيو ??ه پنهنجي معاشي چئلينجز جي باوجود يوڪرين جي ماڻهن سان يڪجهتي جي اظ??ار لاءِ اسان انساني امداد موڪلي آهي، اسان سمجهون ٿا ته ڊگهو تڪرار شهري آبادي جي لاءِ تمام گهڻين مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو سبب بڻجي ٿو، اسان کي اميد آهي ته امن قائم ٿيندو ته جيئن يوڪرين ۽ روس جا ماڻهو امن جا ثمر حاصل ڪري سگهن. بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ??ه مون ملاقات ۾ تڪرارن جي ڳالهه ٻولهه ۽ ڳالهين ذريعي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو ۽ امن قدمن جي حمايت جي لاءِ پاڪستان جي آمادگي جو اظ??ار ڪيو ??يڪي خطي ۾ امن آڻي سگهن ٿا. هن چيو ??ه اسان ڳالهين ۽ سفارتڪ??ري جي ذريعي تڪرار جي پرامن حل جي اميد ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري 12 جولاءِ تي جنيوا ۾ انساني حقن و??ري ڪائونسل ۾ امتيازي سلوڪ، تشدد جي لاءِ اتساهيندڙ مذهبي نفرتن جي خلاف قرارداد جي حمايت تي يوڪرين جي حڪومت جي اصولي موقف کي ساراهيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي يقين ظاهر ڪندي چيو ??ه اسان پاڪستان ۽ يوڪرين جي عوام جي وچ ۾ تعاون ۽ دوستي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جي عزم جو اظ??ار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ??ه پ??ڪستان يوڪرين سان ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، يوڪرين سان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا. ان موقعي تي يوڪرين جي پرڏيهي وزير ديمترو ڪوليبا چيو ??ه پ??ڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ 30 سالن کان لاڳاپا قائم آهن، اسان واپار ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ??ه عالمي مارڪيٽ ۾ يوڪريني شين جي پهچ کي آسان بڻايو وڃي، اسان پنهنجي سلامتي ۽ خودمختي??ري جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ??ه پ??ڪستان سان واپ??ري لاڳاپن کي وڌائڻ چاهيون ٿا، پاڪستاني شاگردن کي تعليمي سهولتن کانسواءِ پاڪستان کي ڊيجيٽلائيزيشن آف اسٽيٽ سروسز ۾ معاونت ڪري سگهون ٿا. يوڪرين جي پرڏيهي وزير چيو ??ه جنگ جي نتيجي ۾ دنيا ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ??هي. ان موقعي تي پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان پڻ موجود هئا.