اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قي??دت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق ۽ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري شامل هئا. وفد ستين ڊيجيٽل آدمشماري ۾ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ آدمشماري باب?? انه?? جي تجويز?? جي شموليت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ستين ڊيجيٽل آدمشماري خيريت سان مڪمل ٿي وئي ۽ نتيج?? جي منظوري سمورين سياسي پارٽي?? جي اتفاق راءِ سان ٿي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد وزيراعظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوب?? جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي ??عا??لن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پاور وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به موجود هئا.