اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني بڻائيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سن?? جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سن?? جي گورنر نگران وز??راعظم کي سنڌ صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ سن?? جي گورنر وز??راعظم کي ڪراچي جي واپارين ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس پاران بجلي جي اگهن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. نگران وز??راعظم سن?? جي گورنر جا ٿورا مڃيا ۽ لاڳاپيل ادارن کي انهن تجويزن جي حوالي سان تفصيلي مشاورت جون هدايتون ڪيون. نگران وز??راعظم چيو ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني بڻائيندي. نگران وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي تجويزن تي مشاورت ک??نپوءِ جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي.