اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان ??رڏيهي وزارت پاران طورخم ۾ پاڪ – افغان سرحد جي بندش بابت افغان ??رڏيهي وزارت جي بيان کي حيران ڪندڙ قرار ڏيندي ??يو آهي ته عبوري افغان عملدار طورخم تي پاڪستان افغانستان سرحد جي عارضي بندش جي سببن کي چڱي ريت ڄاڻين ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ ??يو ته پاڪستان ??نهنجي سرزمين جي اندر عبوري افغان حڪومت پاران ڪنهن به ڍانچي جي تعمير کي قبول نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته اهو ان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. ترجمان ??يو ته 6 سيپٽمبر تي جڏهن افغان ??وجين کي اهڙي قسم جي غيرقانوني ڍانچي کي بيهارڻ کان روڪيو ويو ته هنن پرامن حل بدران اشتعال انگيز فائرنگ جو سهارو ورتو، پاڪستاني فوجي چوڪين کي نشانو بڻايو، طورخم بارڊر ٽرمينل جي بنيادي ڍانچي کي نقصان ??هچايو ۽ پاڪستان ۽ افغان شهرين جي جانين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ترجمان ??يو ته پاڪستاني سرحد چوڪين تي اهڙي قسم جي اشتعال انگيز ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ کي ڪنهن به صورت ۾ جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي اشتعال انگيز فائرنگ سان دهشتگرد عنصرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، انهن عنصرن جي افغانستان جي اندر پناهگاهون آهن جنهن جي تصديق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي معاونت ۽ پابندين جي نگراني ڪندڙ ٽيم پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڪئي آهي. هن ??يو ته اسان سدائين ??يو آهي ته اسان جي خواهش آهي ته افغانستان سان سرحد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن ۽ دوستي جي سرحد هجي، اسان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??نهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي کليل دل سان ??يزباني ڪئي آهي، پاڪستان ??اڪ افغان سرحد تي مقرر افغان ??وجين پاران ??سلسل بنا جواز اشتعال انگيزين جي باوجود تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏني آهي. ترجمان ??يو ته عارضي بندش رڳو انتهائي صورت ۾ ٿيندي آهي، جيئن ته سرحد تي 6 سيپٽمبر 2023ع جو واقعو يا جڏهن افغان سرزمين پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي. هن ??يو ته افغان ??رڏيهي وزارت جي بيان ۾ پاڪستاني معيشت ۽ پرڏيهي واپار بابت ڪجهه غيرلاڳاپيل تبصرا ۽ اڻوڻندڙ مشورا به شامل آهن. ترجمان ??يو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??اڪستان افغان ??رانزٽ ٽريڊ ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو. جيتوڻيڪ پاڪستان ??رانزٽ ٽريڊ معاهدي جي غلط استعمال جي ا??از?? نه ٿو ڏئي سگهي. هن ??يو ته پاڪستان سڀني ٻطرفن مسئلن ۽ خدشن کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ته جيئن ٻئي ملڪ اقتصادي رابطن ۽ ان جي نتيجي ۾ خوشحالي جو فائدو کڻي سگهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عبوري عملدار پاڪستان جي خدشن کي ذهن ۾ رکندا. پاڪستان جي علائقائي سالميت جو احترام ڪندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف دهشتگرد حملن جي لاءِ لانچنگ پيڊ جي طور تي استعمال نه ٿئي.