اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران ??رڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز جي ڏهين اجلاس جي صدارت ڪئي. دولت مشترڪه جي 45 کان ??ڌيڪ ملڪن جي يوٿ منسٽرز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جيڪو دولت مشترڪه پاران 2023ع کي ”نوجوانن جي سال“ طور ملهائڻ جي هڪ حصي طور منعقد ڪيو ويو هو. پرڏ??هي آفيس پاران جاري بيان ??وجب اجلاس جي صدارت ڪندي نگران ??رڏ??هي وزير عالمي پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ نوجوانن جي شموليت کي ترتيب ڏيڻ ۾ دولت مشترڪه جي ڪردار تي زور ڏنو. هن چيو ته دولت مشترڪه جي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي اسان جو سڀ کان ??ڏو اثاثو آهن. شرڪت ڪندڙن نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي اهم ضرورت تي پڻ غور ڪيو ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور ادراڪ ڪري سگهن. نگران ??رڏ??هي وزير شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان حڪومت جي فليگ شپ يوٿ پراجيڪٽ ”پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام“ بابت ٻڌايو جنهن 10 سال مڪمل ڪري ورتا آهن. نگران ??رڏ??هي وزير چيو ته هي پروگرام ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام جي چار اي ايس تحت طئي ٿيل مقصدن سان ??يجهي هم آهنگ رکي ٿو، يعني مشغوليت، تعليم، روزگار ۽ ماحوليات. پاڪستان حڪومت فور ايز مان ??ر هڪ تحت مخصوص واعدا ڪندي 80 ارب رپين جا منصوبا مخصوص ڪري موجوده مالي سال جي لاءِ نوجوانن جي ترقي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اجلاس جي موقعي تي نگران ??رڏ??هي وزير دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل ۽ سريلنڪا، روانڊا، جميڪا ۽ ساموا جي يوٿ منسٽرز سان ??طرفيون ملاقاتون ڪيون. نگران ??رڏ??هي وزير دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل، لنڊن جي ميئر ۽ لنڊن ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس جي جڳهه تي روايتي ٽرڪ آرٽ اسڪوٽرز ۽ بليو مٽيءَ جي ٿانون ۾ پاڪستان جي متحرڪ رنگن ۽ ڊيزائنن جي شاندار نمائش ڪئي وئي جنهن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو. بيان ??وجب پاڪستان دولت مشترڪه کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تنظيم سان ??نهنجُون ويجهيُون مصروفيتون جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.