اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان پو??ٽ آفيس ڊپارٽمينٽ کي هد??يت ڪئي آهي ته رٽائرڊ ملازم کي 1.35 ملين رپيا ادا ڪيا وڃن، پو??ٽ ماسٽر جنرل پنجاب لاهور پاران تاريخ پيدائش ۾ غلطي جي ڪري اڳوڻي ملازم جي پينشن جي مراعتن مان غلط طريقي سان رقم ڪاٽي وئي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملازم مجاز اٿارٽي جي حڪم تي رٽائ??مي??ٽ کانپوءِ وڌيڪ چار سال پنهنجي کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ ان مدي جي لاءِ پگهار وصول ڪرڻ جو پڪو يقين رکندو هو. هن وڌيڪ چيو ته ملازم کي پينشن جي فائدن کان محروم ڪرڻ ۽ ان جي فرضن جي سرانجام ڏيڻ ۾ ادا ڪيل پگهار ۾ ڪٽوتي ڪرڻ غيرقانوني ۽ بدانتظامي آهي. صدر اهي ريمارڪس محمد يوسف (شڪ??يت ڪندڙ) پاران وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل ڪيل درخواست کي قبول ڪندي ڏنا. درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ چيو ته پاڪستان پو??ٽ ان جي پينشنري فائدن مان رقم ڪاٽي ورتي آهي. شڪ??يت ڪندڙ الزام هنيو هو ته هن ايجنسي ۾ 38 سال خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هو 2016ع م رٽائرڊ ٿيو پر ان جي کاتي ان جي تاريخ پيدائش غلط داخل ڪئي جنهن جي ڪري ان جي رٽائ??مي??ٽ جو سال 2012ع ۾ تبديل ڪيو ويو جنهن جي ڪري 1.35 ملين رپين جي رقم ان جي پينشنري مراعتن مان چار سال جي پگهار جي بدلي بنا جواز ڪاٽي وئي. بعد ۾ ان حوالي سان وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو ويو جنهن پاڪستان پو??ٽ جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. ان کانپوءِ شڪ??يت ڪندڙ وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر آڏو ان معاملي کي اٿاريندي اپيل ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شڪ??يت ڪندڙ جي درخواست کي قبول ڪندي نشاندهي ڪئي ته پاڪستان پو??ٽ شڪ??يت ڪندڙ کي تاريخ 04.06.2015 جي خط جي ذريعي شڪ??يت ڪندڙ کي آگاهه ڪيو ته ان جي رٽائ??مي??ٽ 05.05.2016 کان لاڳو هوندي ۽ شڪ??يت ڪندڙ ايجنسي جي ڄاڻايل حڪم جي بنياد تي پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏي. هن چيو ته جيتوڻيڪ فيڊرل سروس ٽربيونل ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ذريعي ملازم جي رٽائ??مي??ٽ جي صحيح تاريخ جو معاملو طئي ٿي ويو هو تنهن هوندي به ڪنهن ڪارڪن کي ان جي خدمتن جي عيوض پگهار کان محروم ڪرڻ جو معاملو اڃا تائين حل طلب آهي. صدر پنهنجي حڪم ۾ نشاندهي ڪئي ته شڪ??يت ڪندڙ کي حڪم موجب ڊيوٽي ڪرڻ جي لاءِ پگهار ادا ڪئي وئي هئي ۽ ڄاڻايل مدي جي لاءِ پگهار وصول ڪرڻ ان جو حقيقي يقين هو. ٻين لفظن ۾ هو غلطي تي نه هو ڇو ته هن مجاز اٿارٽي جي حڪم تي عمل ڪيو هو. ڊاڪٽر عارف علوي انجنيئر ان چيف برانچ ۾ دفاع واري وزارت وغيره بمقابلا جلال الدين (PLD 1992 SC 207) ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو به حوالو ڏنو، جنهن ۾ مدعي جلال الدين کي غيرقانوني طور تي ا??لي?? عهدي تي ترقي ڏني وئي هئي ۽ ان وقت تائين پگهار ادا ڪئي وئي جيستائين جو پروموشن غيرقانوني ثابت ٿي وئي ۽ پروموشن آرڊر رد ڪيا ويا. اداري ان جي ا??لي?? عهدي تي فائز رهڻ دوران ادا ڪيل پگهارن جي وصولي جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي هئي. هن فيڊرل سروس ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي جنهن کي منظور ڪيو ويو. اپيل تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران اهو قرار ڏنو ويو هو ته جيتوڻيڪ اٿارٽي مجاز آهي ته غيرقانوني حڪم واپس وٺي، جواب ڏيندڙ پگهار جي مدر رقم حاصل ڪئي هئي ڇو ته هن فرض سرانجام ڏنا هئا جڏهن ته ادارو ان مدي دوران ورتل رقم جي وصولي جو حقدار نه آهي. سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته ”جيستائين بحث هيٺ رقم جي وصولي جو تعلق آهي، لوڪس پو??ينٽينشيا (Locus Poenitentiae) جو اصول لاڳو ٿيندو ۽ اپيل ڪندڙ رقم جي وصولي جو حقدار نه آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وفاقي محتسب غلطي سان ايجنسي کي شڪ??يت ڪندڙ کان وڌيڪ ادا ڪيل رقم جي وصولي جو جواز فراهم ڪيو هو ۽ هو لوڪس پو??نيٽينشيا جي اصول جي تعريف ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن جي ڪري اداري کي وصول ڪيل رقم جي وصولي کان روڪيو ويو هو. صدر چيو ته ح??ور نبي اڪرم ﷺاسان کي مزدور جو پگهر سُڪڻ کان اڳ اجرت ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ڪو قانون محنت جي وقار جي ان جذبي کي زير نه ٿو ڪري سگهي. شڪ??يت ڪندڙ کي پينشنري فائدن کان محروم ڪرڻ ۽ پاڪستان پو??ٽ پاران ڊيوٽي جي ادائيگي ۾ ادا ڪيل پگهار جي ڪٽوتي غيرقانوني آهي. هن نتيجو اخذ ڪيو ۽ پاڪستان پو??ٽ کي هد??يت ڪئي ته وصول ٿيل رقم شڪ??يت ڪندڙ کي ادا ڪري.