اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪاميابي کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن ۽ حڪومت سي پيڪ تحت مختلف منصوبن جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چ??و ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري رکندڙ منفرد لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ آئرن برادرز ۽ هڪ ٻئي جا اعتماد جوڳا دوست آهن. نگران وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ويزن خاص طور تي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چ??و ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ ٽيڪنالاجيڪل لاڳاپن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪاميابي کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن ۽ حڪومت سي پيڪ تحت مختلف منصوبن جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. چين جي سفير جي نگران وزيراعظم سان پاڪستان ۾ بطور سفير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ اها پهرين ملاقات هئي. نگران وزيراعظم چيني سفير کي سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي ??ڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو.