اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي بچت کي فراڊ سان متاثر ٿيل عورت کي 12 لک رپيا منافعي سان گڏ واپس ڪرڻ جي هدايت ڪندي وفاقي مح??سب جي فيصلي جي خلاف مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب راولپنڊي جي عورت شهري جي اڪائونٽ مان جعلي چيڪ بُڪ ذريعي 12 لک رپيا ڪڍرايا ويا هئا. صدر پن??نجي فيصلي ۾ چيو ته مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ معاملي جي مناسب جاچ جي لا??ِ ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪلي ۽ انڪوائري کانپوءِ فراڊ جي معاملي ۾ ملوث اهلڪارن کي سزا ڏني وڃي. تفصيل موجب عابده رفعت (شڪايت ڪندڙ) وفاقي مح??سب کي شڪايت ڪئي ته سندس قومي بچت راولپنڊي ۾ پينشنز بينيفيٽ اڪائونٽ هو، عورت کي 2021ع ۾ خبر پئي ته 2019ع ۾ سندس اڪائونٽ مان 12 لک رپيا فراڊ ذريعي ڪڍيا ويا. رقم هڪ چيڪ بُڪ ذريعي ڪڍي وئي، جيڪو عورت کي ڪڏهن جاري نه ڪيو ويو هو. عورت فراڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ رقم جي وصولي جي لا??ِ قومي بچت کي شڪايت د??خل ڪرائي، معاملي جي صحيح ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وئي ۽ عورت کي چيو ويو ته اها ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهي. عورت وفاقي مح??سب سان رابطو ڪيو جنهن قومي بچت کي معاملو ايف آءِ اي کي موڪلڻ جو چيو. قومي بچت معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪلڻ بدران صدر کي اپيل د??خل ڪري ڇڏي. صدر وفاقي مح??سب جي فيصلي جي خلاف مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر وفاقي مح??سب جو فيصلو برقرار رکندي عورت کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. صدر چيو ته قومي بچت پن??نجي ئي خط ۾ اعتراف ڪيو ته جعلي ٽرانزيڪشن جي ذريعي اڪائونٽ مان 12 لک ڪڍرايا ويا، قومي بچت جي اندروني انڪوائري دوران آفيس?? بيان ڏنو ته رقم کي گن مين ۽ ڪيشيئر جي ذريعي دوکيبازي سان ڪڍيو ويو. صدر چيو ته قومي بچت ڄاڻايل اهلڪارن کي انڪوائري ۾ شامل ئي نه ڪيو، ثابت ٿئي ٿو ته قومي بچت جي انڪوائري جو عمل شفاف نه هو. صدر چيو ته قومي بچت جو معاملو ايف آءِ اي کي ڏيڻ جي مخالفت ڪرڻ بنا جواز آهي، وفاقي مح??سب صحيح نشاندهي ڪئي ته معاملي جي صحيح طريقي سان جاچ نه ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مح??سب جو فيصلو برقرار رکندي چيو ته قومي بچت 30 ڏينهن ۾ مح??سب کي تعميل جي رپورٽ پيش ڪري.