اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو آهي ته ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ ثقافت ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. ايوا?? صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عراق جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد ذ??شان احمد سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ايوا?? صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ عراق مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نامزد سفير عراق ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ زائرين جي سهولت تي خاص ڌيان ڏي. صدر نامزد سفير کي عراق ۾ پاڪستاني سفير ط??ر تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.