اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامن، فلم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿ??، پاڪستان تر??يه سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ تر??يه سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مقرر ترڪ سفير مهمت پچاجي سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير تر??يه ۾ تازي بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جو درد اسان محسوس ڪيو آهي، تر??يه به ان درد ۾ ورتل آهي، اسان مضبوط ملڪ ??هي??ن، دهشتگردي جا واقعا اسان کي هڪ قوم طور ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ترڪ ڊراما پاڪستان ۾ تمام گهڻا مقبول آهن، تر??يه سان گڏجي فلمون ٺاهڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته تر??يه جا فلمساز پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي شعبي ۾ ٽيڪس مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. پاڪستان جا اتريان علائقا قدرتي حسن سان مالامال آهن. تر??يه جا فلمساز انهن خوبصورت سياحتي علائقن ۾ فلمبندي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه گڏجي پنهنجي ثقافت کي فروغ ڏين. ان ڏس ۾ پاڪ چائنا سينٽر ۾ گڏيل فلمون پڻ ڏيکاري سگهجن ٿيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي ترڪ سفير چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون موجود آهي. اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ ترڪ فلمون به کڻي اچون. هن چيو ته جمهوريه تر??يه پنهنجي 100 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان سان گڏجي انهن تقريبن کي يادگار بڻايون. ترڪ سفير علائقائي تعاون ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جي دلچسپي کي به ساراهيو.