اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پ??ڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سڀاڻي اربع ڏينهن سعودي عرب جي شهر جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪ??دو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نگران پ??ڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلامي تعاون تنظيم (او آء?? سي) جي 18 آڪٽوبر تي جده سعودي عرب ۾ منعقد ٿيندڙ او آء?? سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ شريڪ ٿي??دو. اهو اجلاس اسلامي تعاون تنظيم غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ طلب ڪيو آهي. جليل عباس جيلا??ي وزارتي اجلاس ۾ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پاڪستان جا شديد خدشا پيش ڪ??دو. نگران پ??ڏيهي وزير اجلاس ۾ جنگبندي، گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي عوام کي امداد جي فراهمي جي فوري ضرورت تي زور ڏي??دو. ان موقعي تي نگران پ??ڏيهي وزير او آء?? سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان پڻ ملاقات ڪ??دو.