اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحافت ۽ سياست جو اڻ ٽُٽ ساٿ ??هي?? جمهوريت ۾ اختلاف راءِ معمول جي ڳالهه ??هي?? آئون پاڻ صحافي برادري مان ??هي??ن، سدائين اظهار راءِ جي آزادي جو حامي رهيو ??هي??ن ۽ اڃا به ان تي قائم ??هي??ن. اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس جي پريس لائونج ۾ پي آر اي جي صدر عثمان خان ۽ ٻين صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پي آءِ او طارق خان به موجود هو. اطلاعات واري نگران وف??قي وزير چيو ته سمورن صحافين سان سدائين عزت ۽ احترام جو رشتو رهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه وقتن تي سخت ڳالهيون به ٿي وينديون آهن پر اهو جمهوريت جو حصو آهي. اسان گذريل ڏينهن هڪ پريس ريليز به جاري ڪئي هئي، جيڪا نگران حڪومت جي ترجماني ڪري ٿي.